رئيس بروهي

رئيس بروهي

رئيس بروهي

رئيس بروهي: نامور هاري اڳواڻ، ڪامريڊ رئيس بروهي ڳوٺ لُنڊي، ضلعي سانگھڙ ۾ جنم ورتو. غربت سبب تعليم حاصل ڪري نه سگھيو، پر تعليم سان عشق هئس. هن 1944ع ۾ پنهنجي ڳوٺ رئيس بروهيءَ ۾ ڇوڪرن ۽ ڇوڪرين لاءِ اسڪول قائم ڪرايو ته جيئن هو تعليم کان محروم رهيو، ائين ڪو ٻيو نه رهي. ڪامريڊ رئيس بروهي هارين جو هڏ ڏوکي ۽ همدرد هو. هن سنڌ هاري ڪميٽيءَ جي پليٽفارم تان اڌ بٽئي تحريڪ ۾ حصو وٺي، سنڌ جي هارين ۾ هڪ هلچل پيدا ڪئي. 1947ع کان پهرين سنڌ ۾ اڌ بٽئيءَ جو رواج ڪونه هو. سنڌ هاري ڪميٽي اڌ بٽئي تحريڪ هلائڻ جو فيصلو ڪيو ته رئيس بروهي انهن چند اڳواڻن مان هو، جن اڌ بٽئي تحريڪ کي ڪاميابي ڏياري. ڇو ته هو عملي طور هارين جي حقن لاءِ ڪوشان هو.
هي هاري ڪارڪنن کي گڏ کڻي، جھنڊا ۽ ڏنڊا کڻي نڪري پوندو هو ۽ وڃي کرن تي بٽايون ڪرائيندو هو. سنڌ هاري ڪميٽيءَ جي تحريڪ ته 1930ع کان شروع ٿي، پر 1947ع تائين ڪا خاص تبديلي نه آڻي سگھي هئي، پر اڌ بٽئي تحريڪ، سنڌ هاري تحريڪ ۾ نئون روح ڦوڪيو هو ۽ هاري تحريڪ وڌيڪ سگھاري ٿيڻ لڳي هئي. ان کانپوءِ ’الاٽي هاري تحريڪ‘، ’ٽيننسي ايڪٽ تحريڪ‘ سميت مختلف تحريڪون شروع ٿيون. ٽيننسي ايڪٽ تحريڪ جي ڪاميابي ۽ سنڌ اسيمبليءَ پاران ٽيننسي ايڪٽ پاس ڪرائڻ ۾ سنڌ هاري ڪميٽيءَ جو وڏو ڪردار رهيو آهي.
رئيس بروهي جيتوڻيڪ هڪ ڪارڪن وانگر رهيو، پر سندس ڪردار ۽ عملي جدوجهد جي ڪري کيس اڳواڻن ۾ شمار ڪيو وڃي ٿو.
سندس ڪردار کان متاثر ٿي مولانا ڀاشانيءَ جھڙو ماڻهو سندس ڳوٺ اچي ساڻس ملندو ۽ رهاڻيون ڪندو هو. ڪامريڊ رئيس بروهي گھڻ پاسائين شخصيت هو.
هو سڌو، کرو ۽ سچو ماڻهو هو ۽ هر ڪنهن کي سچ منهن تي چئي ڏيندو هو، اڄ به سنڌ جا هاري کيس سٺن لفظن ۾ ياد ڪن ٿا.


لفظ رئيس بروهيھيٺين داخلائن ۾ پڻ استعمال ٿيل آھي
هن صفحي کي شيئر ڪريو